چار درويش 1 (ڪتاب):

چار درويش 1 (ڪتاب):

چار درويش 1 (ڪتاب)

چار درويش 1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اصل ۾ هڪ مشهور فارسي ڪتاب جو ترجمو آهي، جيڪو امام بخش ’خادم‘ ڪيو هو، ۽ ان کي مشهور اديب لطف الله بدويءَ ترتيب ڏئي ڇپايو هو. فارسيءَ ۾ لکيل ’چار درويش‘ ڪتاب جي مصنف بابت محققن ۾ ڪافي اختلاف آهن. هن ڪتاب جو اردوءَ ۾ ترجمو مير امن ڪيو هو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ امام بخش خادم ترجمو ڪيو. هن ڪتاب ۾ شام جي شهزاديءَ، حاتم طائيءَ، نيمروز جي ملڪ جي شهزاديءَ سميت بادشاهه آزاد بخت جا قصا بيان ٿيل آهن. 182 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1895ع ۾، نئون سڌاريل پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1960ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ئي جنوري 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو